- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ ٽيڪس قانون بابت ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل جي منظوري آرٽيڪل 75 تحت ڏني، بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آهي.
ترميمي بل ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990 جي سيڪشن 30 ڊي، 43، ڊي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.
ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005 جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.
ترميم بل ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 122 ايَ، 124، 126 ايَ ،130، 131، 132، 133 ۽ 134 ايَ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.
ٽيڪس قانون ۾ ترميم وارو بل 29 اپريل 2024ع تي پاس ٿيو، صدر بل جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني.- Advertisement -
