- Advertisement -
سي ٽي ڊي حيدرآباد مٽياري ڀرسان ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي مٽياري ۾ قبرستان موڙ وٽ ڪارروائي ڪري هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ دريا خان طور ٿي.
ترجمان موجب، گرفتار دهشتگرد وٽان هٿيار، گوليون، نان اليڪٽرڪ ڊيٽونيٽر ۽ 555 گرام بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهي، هو هٿيار ۽ بارودي مواد جي ترسيل به ملوث آهي.
سي ٽي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
