- Advertisement -
گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ افغانستان جي ستن ورهين مطهره جي جيري جي ڪامياب پيوندڪاري ڪئي وئي آهي.
نينگري جي امڙ ٻڌايو ته اڳ به هڪ نياڻي جيري جي عارضي سبب فوت ٿي وئي هئي، گوگل تي سرچ ڪيو ته پاڪستان جي سنڌ صوبي جي گمبٽ شهر ۾ مفت ٽرانسپلانٽ بابت ڄاڻ ملي.
نينگري جي امڙ چيو ته سنڌ حڪومت، ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ ليور ٽرانسپلانٽ ٽيم جا ٿورائتا آهن جن مفت علاج ڪيو آهي.
ڊاڪٽر نديم باچڪاڻي جو چوڻ آهي ته نينگري جي صحت بهتر آهي، سندس علاج ڪيو پيو وڃي.
ڊاڪٽر موجب، نينگري جي هفتو اڳ جيري جي پيوندڪاري ڪئي هئي، جيڪا بلڪل فري ۾ ڪئي وئي آهي، نينگري جي زندگي کي ڪو به خطرو نه آهي.
گمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي چيو ته گمس هڪ وڏو ادارو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ مفت علاج جاري آهي.
ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي چيو ته افغانستان واسڻ عورت پنهنجي نياڻي جي علاج لاءِ رابطو ڪيو ۽ مفت جيري جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي، بنا فرق جي ڏيھه توڙي پرڏيھه جي مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
