9مئي جو ڏينهن ملڪي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 9 مئي جو ڏهاڙو به ملڪي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن آهي، انصاف جي گهرج آهي ته قائداعظم جي گهر ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو. 9مئي سانحي جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي جا واقعا ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ فسطائيت مڙهڻ جي ڪريل سازش هئي. سندس چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته 9 مئي جا مذمت واقعا ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا ويا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان 9 مئي جي واقعن نظر انداز نٿو ڪري سگهي، ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن سياسي پارٽي طرفان اهڙن قدمن جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته ملڪ جا ڳجها دستاويز ليڪ ڪرڻ ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪرڻ سياست ناهي، ملڪ دشمني آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهي ته 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو مڃيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
21%
2.4m/s
0%
آچر
21 °
سُومر
30 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون