تازه ترين

شاه زيب ايشين تائڪوانڊو چيمپيئن شپ جي تاريخ  ۾ پاڪستان لاءِ پهريون چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو

- Advertisement -
شاه زيب ايشين تائڪوانڊو چيمپيئن شپ جي تاريخ  ۾ پاڪستان لاءِ پهريون چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو ايشين  تائڪوانڊو چيمپيئن شپ جي ڪيروگي ايونٽ ۾ 54 ڪيٽيگرين جي فائنل ۾ سعودي عرب جي حمدي رياد پاڪستان جي شاه زيب کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نانءِ ڪري ورتو ويتنام ۾ ٿيل چيمپئن شپ فائنل جي پهرين رائونڊ ۾ شاه زيب سعودي سان تعلق رکندڙ پنهنجي مخالف خلاف هڪ ڏهائي سان ڪاميابي حاصل ڪئي، ٻئي رائونڊ ۾ ٻنهي رانديگرن ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ حمدي رياد 8 جي ڀيٽ ۾ 9 پوائنٽون حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ٽئين ۽ فيصلائتي رائونڊ ۾ ريفري جانبداري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان خلاف وڏو تڪراري فيصلو ڏنو، حمدي رياد 3 جي ڀيٽ ۾ 7 پوائنٽن جي فرق سان گولڊ ميڊل کٽيو جڏهن ته شاه زيب چانديءَ جي ميڊل جو حقدار ٿيو شاه زيب خان ايشين تائڪوانڊو چيمپئن شپ جي تاريخ ۾ پاڪستان لاءِ پهريون چانديءَ جو ميڊل کٽيو. اڄ کيڏيل ٻين مقابلن ۾ 87 ڪيٽيگرين ۾ سعودي عرب جي جار يوصف پاڪستان جي ابو بڪر صديق خلاف 2_1 سان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته عورتن جي 73 ويٽ ۾ ڪوريا جي ميونگ مي نا پاڪستان جي مليحه کي 2_0  تي هارائي ڇڏيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
38 %
1.3kmh
14 %
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون