- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن مٿان حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن مٿان حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت، بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد کي يقيني بڻائي، پرڏيهي وزارت بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم کڻي.
سندس چوڻ هو ته سندن نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن، ڏکي حاتلن ۾ صبر ۽ ذميواراڻي ڪردار جو مظاهرو ڪن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغستان ٻه ڀائر اسلامي ملڪ آهن، ڪرغستان پاڪستان جو ٻيو گهر آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل دوستاڻي لاڳاپن لاءِ هميشه پرجوش رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يقين آهي ڪرغستان حڪومت پنهنجي سرزمين تي پاڪستانين جو هميشه اهڙي طرح خيال رکندي جيئن پنهنجي شهرين جو رکندي آهي.- Advertisement -
