- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪرغيزستان ۾ وڳوڙن دوران ڪو به پاڪستاني شاگرد قتل نه ٿيوآهي، سوشل ميڊيا تي غلط افواهه پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
لاهور ۾ وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته بشڪيڪ ۾ پيش آيل واقعا افسوسناڪ آهن، وزيراعظم شهباز شريف پاڻ معاملي کي ڏسي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته 130 پاڪستاني شاگرد ڏيهه واپس پهچي چڪا آهن جڏهن ته اڄ وڌيڪ 540 پاڪستاني شاگرد ڪرغزستان کان واپس وطن پهچندا.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ايئر فورس جو هڪ جهاز شاگردن کي واپس آڻڻ لاءِ بشڪيڪ ويندو، 50 جي لڳ ڀڳ شاگردن پاڪستاني سفارتخاني ۾ پنهنجي انٽري ڪرائي آهي، جيئن ئي جهاز جا نمبر پورا ٿيندا ته هي جهاز به بشڪيڪ مان پاڪستانين کي کڻي واپس اچي ويندو.
هن چيو ته ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير کان تازي صورتحال جا مڪمل تفصيل ورتا آهن، واقعي ۾ 16 شاگرد زخمي ٿيا جنهن ۾ چار کان پنج پاڪستاني به شامل آهن، پر ڪرغز اختيارين واقعن ۾ ڪنهن پاڪستاني جي مارجڻ جي ترديد ڪئي آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته بشڪيڪ ۾ رڳو پاڪستاني نه پر ٻين ملڪن جي شهرين تي به حملا ٿيا آهن، ڪرعزستان جو صدر ۽ پرڏيهي وزير به صورتحال ڏسي رهيا آهن.
اسحاق ڊار چيو ته غلط فهمي جي بنياد تي واقعي سبب پرڏيهي شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي غلط افواهه پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڏک جي ڳالهه آهي ته ناڪاري مهم هلائي پئي وڃي، حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪرغز حڪومت درخواست ڪئي ته مٿن اعتماد ڪيو وڃي، کين اچڻ جي ضرورت ناهي، ڪرغزستان حڪومت جي درخواست تي دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هو زخمين جي پاڻ سار سنڀال ڪري رهيا آهن.
عطا تارڙ چيو ته واقعي ۾ پاڪستانين کي ٽارگيٽ نه ڪيو ويو آهي، وڳوڙن دوران گهڻا ماڻهو وڪڙ ۾ ايندا آهن.
هن چيو ته سندن ڪرغزستان سان سٺا سفارتي لاڳاپا آهن، موتن جون جعلي تصويرون پکيڙيندڙن کي خدا جو خوف ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته هڪ مخصوص سياسي پارٽي والدين جي ذهنن ۾ ناڪاري ڳالهيون وجهي رهي آهي، نائب وزيراعظم مسلسل ڪرغر حڪومت سان رابطي ۾ آهي.
عطا تارڙ چيو ته واقعي ۾ نه ڪو شاگرد قتل ٿيو آهي ۽ نه وري ڪنهن شاگردياڻي سان زيادتي ٿي آهي، ڪنهن پاڪستاني کي غير محفوظ ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
آزاد ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير امير مقام چيو ته وزيراعظم واقعي کانپوءِ اسحاق ڊار کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، ڪرغزستان ۾ پڙهائي لاءِ پئسا خرچ ڪندڙن بابت به سوچڻ گهرجي.
هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۾ هيلپ لائن موجود آهي جيڪي شاگرد واپس اچڻ چاهين ٿا ساڻن رابطو ڪن- Advertisement -
