- Advertisement -
بشڪيڪ مان وڌيڪ 179 شاگرد خاص اڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا.
ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ مان پاڪستاني شاگردن جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ پاڪستاني شاگرد لاهور ايئرپورٽ پهتا جتي اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن جي آفيسرن ۽ عملي سندن آجيان ڪئي.
اسٽيٽ گيسٽ لائونج ۾ شاگردن جو استقبال ڪيو ويو ۽ ريفريشمينٽ ڏني وئي، جڏهن ته شاگردن کي سندن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ خاص ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو ويو.
شاگردن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ايمبولينسز جو بندوبست ڪيو ويو.
واضع رهي ته ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن تي تشدد واري معاملي تي قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) پاڪستاني شاگردن کي بشڪيڪ کان وطن واپس آڻڻ لاءِ 2 خصوصي اڏامون شيڊول ڪيون آهن.
پي آءِ اي ترجمان موجب پهرين اڏام اڄ صبح ڇهين وڳي لاهور پهچي وئي آهي جڏهن ته ٻي اڏام منجهند 2 وڳي بشڪيڪ کان لاهور پهچندي.
ترجمان موجهب، قومي ايئر لائن هر ڏکئي وقت ۾ پنهنجي وطن جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، حڪومتي هدايتن تحت ۽ ضرورت موجب وڌيڪ اڏامون به هلايون وينديون.- Advertisement -
