- Advertisement -
لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي جيل مان آزاد ڪيو ويو.
غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن پرويز الاهي جي ضمانت جي درخواست منظور ڪئي هئي.
آزادي ملڻ بعد پرويز الاهي ڪوٽ لکپت جيل کان ظهور الاهي پيلس پهچي ويو.
چوڌري پرويز الاهي جيل مان آزادي ملڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله جو شڪر آهي جنهن کيس ڪامياب ڪيو، ان کانپوءِ ججن جو به ٿورائتو آهي جن حق سچ جو ساٿ ڏنو.
هن چيو ته گجرات جي ماڻهن گھڻيون زيادتيون برداشت ڪيون، سندن مينڊيٽ کي چورايو ويو، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته شجاعت صاحب جي ٻارن سان ان وقت تائين ڪا ڳالهه نه ٿيندي جييستائين سندن مينڊيٽ واپس نه ٿيندو، کيس گرفتار ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار محسن نقوي جو رهيو آهي.- Advertisement -
