تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهمي رئيسي ۽ سندس ساٿين جون آخري رسمون شروع ٿي ويون

- Advertisement -
هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهمي رئيسي ۽ سندس ساٿين جون آخري رسمون شروع ٿي ويون آهن، تبريز ۾ جنازي نماز بعد مڙهه تهران منتقل ڪيا ويندا، ابراهيم رئيسي کي اباڻي علائقي مشهد ۽ ٻين کي پنهنجن پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. جنازي نماز جي تقريب اڱاري ڏينهن صبح جو شروع ٿي، سوڳوارن تبريز ۾ ايران  جي قومي جهنڊي وارن تابوتن سان مارچ ڪيو. هزارين سوڳوار تبريز جي امام خميني موصل ۾  گڏ ٿيا، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. تبريز ۾ جلوس کانپوءِ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جا مڙهه  هڪ ٻي تقريب لاءِ قــُـمُ ۾ بيبي معصومه جي روضي تي منتقل ڪيا ويندا. رئيسي ۽ سندس ساٿين جا مڙهه اربع ڏينهن تهران منتقل آندا ويندا، جتي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اِي جنازي نماز پڙهائيندو، جنهن ۾  شهرين سميت پرڏيهي مهمان به شرڪت  ڪندا، امام خميني جي مزار تي کين الوداعي سلام پيش ڪيو ويندو. جنازي نماز بعد ڪجهه جي تدفين تهران ۽ ٻين جي اباڻن قبرستانن ۾ ڪئي ويندي. اربع جي شام جو ئي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي ويندي، خميس ڏينهن ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو مڙهه سندس اباڻي شهر مشهد آندو ويندو، جتي ٻيهر جنازي نماز ٿيندي ۽ اتي ئي کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي فوت ٿيڻ تي ايران ۾ پنجن ڏينهن جو سوڳ ملهايو پيو وڃي، جنهن دوران سموريون سرڪاري سرگرميون معطل ۽ قومي جهنڊو جهڪيل آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون