- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت منشيات خلاف پنهنجي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙي جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ريپڊ رسپانس يونٽ قائم ڪرڻ هدف حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حڪمن تي ايڪسائيز کاتي ۾ ريپڊ ريسپانس يونٽ قائم ڪيو ويو.
ريپڊ ريسپانس يونٽ هفتي جا ست ئي ڏينهن 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو، ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس ۾ ريپڊ ريسپانس يونٽ قائم ڪيو ويو.
ريپڊ ريسپانس يونٽ منشيات خلاف ڪاررواين کي يقيني بڻائيندو، ڊي جي ايڪسائيز ريپڊ ريسپانس يونٽ جي سربراهي ڪندو
ٽيڪس اوڳاڙي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي.
ايڪسائيز آفيسرن جي وقت ۾ به اضافو ڪيو ويو، آفيسر هاڻي ڏينهن رات ڪم ڪندا.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت منشيات خلاف پنهنجي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙي جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ريپڊ رسپانس يونٽ قائم ڪرڻ هدف حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، 24 ڪلاڪن ڪم ڪرڻ سان ريپڊ ريسپانس يونٽ منشيات خلاف تيز ۽ هاڪاري ڪارروائي کي يقيني بڻائيندو.- Advertisement -
