- Advertisement -
اسپين جي سفير جوز اينٽونيو ڊي اوري سنڌ جي تاريخي شھر ڀنڀور جو دورو ڪيو آهي.
سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه پاران سفير جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.
اسپين جي سفير ڀنڀور ميوزيم تاريخي مسجد ۽ قديمي آثارن جو دورو ڪيو.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه مھمان سفير کي ڀنڀور جي تاريخ بابت معلومات ڏني.
اسپين جي سفير پاران ڀنڀور جي تاريخ تھذيب ۽ آثارن ۾ گھري دلچسپي ظاھر ڪئي وئي.
اسپين جي سفير قديم آثارن تي گڏيل تحقيق لاءِ گڏيل سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون.
اسپين جي سفير چيو ته ڀنڀور جي تاريخ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھي خطو خوشحال رھيو آھي.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پراڻا، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آھن، ٻنھي ملڪن وچ ۾ سياحت جي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اسپيني ماھرن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن پرڏيهي سياحن کي سياحت لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه پاران مھمان سفير کي اجرڪ ۽ ڪنگ پريسٽ يادگار پيش ڪئي وئي.
دوري دوران ڊي جي نوادرات عبدالفتاح شيخ ۽ ايم ڊي ايس ٽي ڊي فياض شاھه پڻ موجود ھئا.- Advertisement -
