- Advertisement -
ملڪ ۾ گرميءَ جي سخت لهر برقرار آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
سڀ کان وڌيڪ گرمي جيڪب آباد ۽ دادو ۾ 51-51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.
نوابشاهه، سکر ۽ سبي ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، بهاولپور ۾ پرا 49 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ ملتان توڙي ڊيرا اسماعيل خان ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.
تربت، فيصل آباد، سرگوڌا ۾ گرمي 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ 46، بنون ۾ 45، پشاور ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهي.
لاهور ۾ 42 ڊگري جي گرمي 46 ڊگري محسوس ڪئي وئي، ڪراچيءَ ۾ سال جو سڀ کان گرم ڏينهن 41 ڏهائي 5 ڊگري رڪارڊ ۽ 45 ڊگري محسوس ڪئي وئي.
بلوچستان جي ڏاکڻن ضلعن ۾ به هيٽ ويوِ جو خدشو آهي.
ملڪ ۾ گرمي جي لهر سبب شهري سخت پريشان ۽ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو به مسئلو پيدا ٿي ويو آهي.- Advertisement -
