- Advertisement -
پاڪستاني نوبل انعام ماڻيندڙ ۽ سماجي ورڪر ملاله يوسفزئي جي برطانوي ميوزيڪل ويز سيريز، وي آر ليڊي پارٽس، جي پهرين جهلڪ منظر عام تي اچي وئي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ميوزيڪل ويب سيريز وي آر ليڊي پارٽس جي سيزن ٽو اڄ کان آمريڪي ۽ برطانوي ٽي وي چئنلز تي نشر ٿيندو، ان سيزن ۾ ملالا يوسفزئي جو مختصر ڪردار به نظر ايندو.
سوشل ميڊيا جي مختلف پيجن تي ان ميوزيڪل ويب سيريز جي پهرين جهلڪ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ملالا يوسفزئي کي گهوڙي تي ويٺي ڏسي سگهجي ٿو.
تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ملالا يوسفزئي گهوڙي تي ويٺل آهي ۽ سيريز جا ٻيا اداڪار سندس ڀرپاسي ۾ بيٺا آهن.
عالمي ميڊيا رپورٽ موجب ان ويب سيريز ۾ ملالا يوسفزئي کي ميوزيڪل بينڊ جي ميمبر طور ڏيکاريو ويندو.
ان ويب سيريز جي ڪهاڻي مسلمان نوجوان نارين جي جدوجهد تي ٻڌل آهي، جيڪي برطانيا جون رهائشي هونديون آهن ۽ ڪيترن ئي ڏکيائن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ بعد موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو نالو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون.- Advertisement -
