تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ جون کان آگسٽ تائين معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان

- Advertisement -
ملڪ ۾ جون کان آگسٽ تائين معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي  جون کان آگسٽ تائين چوماسي جي برساتن بابت آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هلندڙ سال جون کان آگسٽ دوران چوماسي ۾ ملڪ ۾ اڪثر هنڌن تي معمول ۽ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، وڌيڪ برساتن جو امڪان وچ ۽ اتر پنجاب ۾ هوندو. موسميات کاتي ڏکڻ سنڌ ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، ڪي پي ۽ گلگت بلستان ۾ معمول موجب برسات پوندي. موسميات کاتي موجب وڌيڪ گرمي پد سبب مٿين علائقن ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگت بلستان ۾ برف ڳڙن جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو، ملڪ اڪثر هنڌن تي جون جي شروعات ۾  ڏينهن جو گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهندو، برساتن بعد گرمي معمول تي اچي ويندي. چوماسي دوران طوفان ۽ تيز هوائون هلنديون، جڏهن ته برساتن سبب درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي، شهرن ۾ اربن فلڊ جو به خدشو آهي، ڪوه سليمان سميت ٻين جابلو علائقن ۾ به ٻوڏ جو امڪان آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
15 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون