- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سول اسپتال جي برنس وارڊ پهچي حيدرآباد ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي.
ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊاڪٽرن کان زخمين جي صحت بابت ڄاڻ ورتي، ڪامران ٽسوري ماڻهن کي ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺو
ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽسوري ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي ته زخمين کي علاج جون بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
زخمين جي عيادت کانپوءِ اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽسوريءَ چيو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو دردناڪ واقعو پهريون ڀيرو ڏٺو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهڙي قسم جا واقعا ڏسي تمام گھڻو افسوس ٿئي ٿو، زخمين جا نَنهن ايئن آهن جيئن ٽشو پيپر لڳل هجن.- Advertisement -
