- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف پگهار دار ماڻهن لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ اضافي بابت بجيٽ تجويز ملتوي ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجيٽ لاءِ ٽيڪس تجويزن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
وزيراعظم شهباز شريف پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار وڌائڻ جي شرط جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ناڻي واري وزارت کي آءِ ايم ايف وٽ واپس وڃڻ ۽ تجويز واپس وٺڻ جي درخواست ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پاڪستان جو پگهاردار طبقو بئنڪ ڊپازٽرز، ڪنٽريڪٽرن ۽ شيون ٻاهر موڪليندڙ طبقي تي ٽيڪسن کانپوءِ چوٿون سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ طبقو آهي.
مهانگائي مسلسل ڊبل ڊجيٽ ۾ هئڻ سبب پگهاردار طبقي جي خريداري واري طاقت متاثر ٿي رهي آهي.
آءِ ايم ايف پگهاردار ۽ پگهار نه کڻندڙ ڪاروباري ماڻهن کان ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 600 ارب رپين جي سالياني ٽيڪس اوڳاڙڻ جي خواهشمند آهي.
هلندڙ مالي سال جي پهرين اٺن مهينن دوران پگهاردار ماڻهن 216 ارب رپيه ٽيڪس ادا ڪئي.
حڪومت جو نئين مالي سال دوران ٽيڪس اوڳاڙي جو ٽارگيٽ 12 ڏهائي 9 ٽريلين رپيه آهي جيڪو هلندڙ مالي سال جي ٽارگيٽ کان 40 سيڪڙو يا 3 ڏهائي 6 ٽريلين رپيه وڌيڪ آهي…..- Advertisement -
