آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ نميبيا، عمان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ نميبيا، عمان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي. برج ٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ نميبيا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پهريان بيٽينگ ڪندي عمان جي ٽيم 109 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ نميبيا کي ميچ کٽڻ لاءِ 110 رنسن جو حدف ڏنو. عمان طرفان خالد ڪائل 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ذيشان مقصود 22، آيان خان 15 ۽ شڪيل احمد 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. نميبيا جي روبن ٽرمپلن 4، ڊيوڊ ويزي 3، گرهارڊ ايراسمس 2 ۽ برنارڊ شولز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 110 رنسن جي حدف ۾ نميبيا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي تي 109 رنسون ٺاهي سگهي. عمان طرفان مهراڻ خان 3، بلال خان، عاقب الياس ۽ ايان خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سپر اوور ۾ نميبيا پهريان بيٽنگ ڪندي 21 رنسون ٺاهي عمان کي هڪ اوور ۾ 22 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. عمان 22 رنسن جو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ نميبيا ميچ 11 رنسن تان کٽي ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
26%
4.3m/s
46%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون