- Advertisement -
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ڪامياب ڪارروايون ڪندي ٽن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيا.
ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول جي ٽيم ڪورنگي واري علائقي ۾ مين ڪورنگي روڊ تي چنيوٽ اسپتال ويجهو ڪارروائي ڪئي.
ايڪسائيز ٽيم ڪارروائي دوران گهربل منشيات وڪرو ڪندڙ محمد توصيف کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدار جي قبضي مان 430 گرام آئس ۽ هڪ سئو نشي واريون گوريون هٿ ڪيون ويون.
گرفتار جوابدار طرفان ڪراچي جي پوش علائقن ۾ ٿيندڙ ڊانس پارٽين ۾ نشي واريون گوريون سپلاءِ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو.
ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول جي ٽيم اولهه ضلعي جي علائقي منگهو پير ۾ ڪارروائي ڪئي.
ايڪسائيز ٽيم ڪارروائي دوران ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن محمد عالم ۽ عمران کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدارن وٽان 500 گرام ڪرسٽل هيروئن هٿ ڪئي وئي.
ايڪسائيز اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيسَ داخل ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ جاري آهي.- Advertisement -
