- Advertisement -
پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر ۽ شبلي فراز چيو آهي ته انشاءَ الله پي ٽي آءِ باني جلد آزاد ٿيندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر ظفر گوهر چيو ته اڄ 25 ڪروڙ عوام لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، انصاف جو علم بلند ٿيو آهي.
هن چيو ته هڪ وڌيڪ ناحق ۽ بي بنياد ڪيس جو خاتمو ٿيو، ان ڪيس سبب پي ٽي آءِ بانيءَ ڏهه مهينا جيل ۾ گذاريا.
بئريسٽر گوهر چيو ته هنن سدائين عدليا جو احترام ڪيو آهي، انتقام تي ٻڌل سمورا ڪيس ختم ٿيندا.
شبلي فراز چيو ته انصاف مليو آهي، اميد آهي ته مخصوص سيٽن ۾ به کين انصاف ملندو، هنن ڪيترائي ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشيءَ کي الله سرخرو ڪيو، اهي سياسي بنيادن تي ٺاهيل ڪيس هئا- Advertisement -
