- Advertisement -
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
شهر جي مختلف علائقن ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ڪورنگي سميت مختلف هنڌن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي لوڏن سبب شهرين خوف وچان گهرن کان نڪري آيا ۽ ڪلمي جو وِردُ ڪيو.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويوته زلزلي جي شدت 3 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي.
زلزلي جي گهرائي 22 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز ڪراچيءَ جي اتر اوڀر ۾ 15 ڪلوميٽر پري هو.- Advertisement -
