پي ٽي آءِ بانيءَ جو شيخ مجيب وارو  موقف واضح ڪري ٿو ته هو ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ جو شيخ مجيب وارو  موقف واضح ڪري ٿو ته هو ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو، تحريڪ انصاف وارا ڪڏهن اسلام آباد تي ڪاهه  ته ڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته اقتدار نه ملڻ تي شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيڻ پاڪستان جي تاريخي قومي موقف کان منهن موڙڻ آهي. هن چيو ته ڍاڪا سانحي کي خنجر ٺاهي رياست جي ساهه واري رڳ تي رکڻ سنگين عمل آهي، پي ٽي آءِ بانيءَ طرفان شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيڻ جي عارف علويءَ حمايت ڪئي، اهو قوم جي پراڻن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته اقتدار لاءِ قومي ادارن خلاف مسلسل ڊجيٽل دهشتگردي ڪري مٿن ڪريل الزام مڙهيا ويا. شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ شخص جلسن ۾ سائفر لوڏيو، وري آڊيو آئي ته سائفر واري معاملي تي کين کيڏڻو آهي، پر پوءِ به ان شخص کي رليف ڇو پيو ڏنو وڃي؟.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
16%
5m/s
3%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون