- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪيه جي شهر استنبول پهچي ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ڊي ايٽ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
اسحاق ڊار جي استنبول پهچڻ تي ڊپٽي گورنر مصطفيٰ عاصم الڪان ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير يوسف جنيد آڌرڀاءُ ڪيو.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزا جي صورتحال بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
ڊي ايٽ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ غزه ۾ غير انساني ۽ غيرقانوني جنگ جي خاتمي لاءِ فوري توڙي غير مشروط جنگبندي جي حوالي سان عالمي برادري جي ذميوارين جو جائزو ورتو ويندو.- Advertisement -
