تازه ترين

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ موجوده اسڪواڊ جي اندر جي ڪهاڻي جلد عوام آڏو آڻيندس؛ شاهد آفريدي

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ موجوده اسڪواڊ جي اندر جي ڪهاڻي جلد عوام آڏو آڻيندس. شاهد آفريدي کان هڪ ٽي وي چينل جي انٽرويو دوران ٽيم ۾ اتحاد جي کوٽ بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي اڳوڻي ڪپتان، محمد وسيم ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪو مهمان پينل ۾ شامل هو. محمد وسيم جو حوالو ڏيندي شاهد آفريدي چيو ته وسيم ڪافي شين بابت ڄاڻ رکي ٿو، آئون به ڄاڻان ٿو پر اسين کليل طريقي سان ڳالهه نٿا ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ هم آهنگي، اتحاد ۽ رانديگر هڪ ٻئي سان ڪيئن ٿا پيش اچن، ان بابت سموري ذميواري ڪپتان جي آهي، ڪپتان يا ته هاڪاري ماحول پيدا ڪندو آهي يا وري خراب ڪري ڇڏيندو آهي. شاهد آفريدي چيو ته ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪوچ اڳيان ڪپتان هوندو آهي جيڪو ٽيم کي متحد ڪندو آهي، ان وٽ اختيار هوندا آهن، جڏهن ته کيس سليڪشن ڪميٽي جي حمايت حاصل هوندي آهي، ميدان تي ٽيم کي ويڙهائڻ ڪپتان جو ڪم هوندو آهي. اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته شاهين سان منهنجو تعلق مختلف آهي، جيڪڏهن مان ڪنهن ڳالهه جي باري ۾ ڳالهائيندس ته ماڻهو چوندا ته مان پنهنجي ناٺي جي حمايت ڪري رهيو آهيان، پر ايئن ناهي، جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ، پٽ يا ناٺي غلط آهي ته آئون انهن کي به غلط چوندس. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان جي سليڪشن ڪميٽي ۽ بورڊ وڏيون غلطيون ڪيون آهن، ورلڊ ڪپ کانپوءِ آئون کليل نموني ڳالهائيندس، اسان جي ماڻهن پاڻ ئي هن يونٽ کي خراب ڪيو آهي. ياد رهي ته آچر 9 جون تي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي، پاڪستان 120 رنسن جو آسان هدف به حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
8 %
7.9kmh
6 %
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون