تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي اپيل بابت هڪ مهيني اندر ۽ سيشن ڪورٽ کي ڏهن ڏينهن ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي اپيل بابت هڪ مهيني اندر ۽ سيشن ڪورٽ کي ڏهن ڏينهن ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو ته جج اهڙي طرح اوچتو ڪيس ٽرانسفر ڪيو هجي، سيشن جج ڪيس ٻڌو هو، هاڻي ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن ڪيس منتقل ڪيو ويو، ڪيس ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن ڇو منتقل ڪيو ويو؟. سلمان اڪرم راجا چيو ته پهريان سندن درخواست آهي ته سيشن جج شاهه رخ ارجمند کي محفوظ فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، ٻيو ته هائيڪورٽ يا پاڻ اپيل ٻڌي ڪري فيصلو ڪري ۽ ٽئين صورت ۾ اها آهي ته اپيل سيشن جج اولهه ڏانهن منتقل ڪئي وڃي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت، سيشن ڪورٽ لاءِ اپيل تي فيصلو ڪرڻ لاءِ وقت مقرر ڪري، سيشن جج اوڀر ٻڌڻي ڪري رهيو هو، هاڻي ڪيس سيشن جج اولهه ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ٻن ڏينهن ۾ ٽرائل ٿيو، هاڻي درخواستن تي ٻڌڻي به ساڳئي طرح ٿئي. خاور مانيڪا جي وڪيل راجا رضوان عباسي دليل ڏيندي چيو ته خاور مانيڪا جج تي اعتراض ڪيو، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي، خاور مانيڪا ٻيهر اعتراض ڪيو ته سيشن جج ڪيس هائيڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو، هائيڪورٽ ايڊمنسٽريٽر سائيڊ تي هي درخواستون سيشن جج اولهه ڏانهن موڪلي، هن عدالت جي آرڊر کي سڌي يا اڻ سڌي طرح چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي. خاور مانيڪا جي وڪيل اپيل ايڊيشنل سيشن جج کان سيشن جج ڏانهن منتقلي جي مخالفت ڪري ڇڏي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدت ڪيس جي اپيل تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سيشن ڪورٽ کي سزا معطلي جي درخواست تي 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب حڪم ڏنو ته ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا ٻنهي درخواستن تي عدالت جي مقرر وقت اندر فيصلو ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33.9 ° C
33.9 °
33.9 °
4 %
3.4kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون