تازه ترين

يوڪرين روسي صدر جي جنگ بندي جي مشروط ڪال کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
يوڪرين امن ڳالهين بابت روسي صدر جي دعوت رد ڪندي چيو آهي ته روس جي تجويز اهم ناهي، پيوٽن حقيقتن جو جائزو نه ورتو آهي. روسي قيادت ڄاڻي ٿي ته، يوڪرين ان تجويز کي قبول نه ڪندو، اوڀرندي علائقي مان يوڪريني فوج جي واپسي ممڪن ناهي، يوڪرين ڪڏهن به پنهنجو علائقو روس جي حوالي نه ڪندو. واضح رهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي ڳالهين جي مشروط دعوت ڏيندي چيو هو ته يوڪريني صدر جيڪڏهن جنگ جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو نيٽو جي رڪنيت جي دعويٰ ڇڏي ڏئي ۽  اوڀر وارن علائقن مان پنهنجي فوج کي واپس گهرائي. ولاديمير پيوٽن وڌيڪ چيو ته ڊونٽسڪ، لوگانسڪ، کيرسن ۽ زاپوريزيا مان فوج جي مڪمل واپسي ئي جنگ بندي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته روس يوڪرين ۾ جنگ صرف ان صورت ۾ ختم ڪري سگهندو جڏهن ڪيف پنهنجا نيٽو وارن ارادن کي ڇڏي ۽ اولهه جي پابندين جي خاتمي کي يقيني بڻائي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.1 ° C
17.1 °
17.1 °
75 %
1.4kmh
64 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون