- Advertisement -
باڊهه ۾ نوجوان مبينا طور گهريلو پريشانين سبب زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو.
درگاهه پاڙي واسي 27 ورهين جي نظام الدين مغيري گهريلو پريشانين سبب زهريلي دوا پي ڇڏي.
وارثن نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال پهچايو جتي هن علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
27 ورهين جي نظام الدين مغيري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
