تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي معاملن بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ اندروني ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم پاران پنهنجي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي بابت قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد بزنس فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون