- Advertisement -
قاضي احمد ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ رتوديري جو رهواسي ڊرائيور فوت ۽ 10 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
قومي شاھراھ تي باءِ پاس چوڪ وٽ سکر کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ، ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور مظفر ولد عبد الله جلباڻي فوت ٿي ويو ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
زخمي مسافرن ۾ غلام حسين، ايوب شيخ، شبير ملاح، زين شاھ، محب لغاري، سيد اصغر شاھ، علي حيدر چنو ۽ ٻيا شامل آهن.
سمورن زخمين کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان 5 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي هالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رتوديري جي رهواسي ڊرائيور جو لاش قاضي احمد اسپتال ۾ پيل آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو….- Advertisement -
