- Advertisement -
شهدادڪوٽ ۾ گهر اچڻ کان روڪڻ تي جوابدار پنهنجي پاڙيسري عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نور جهان ڪالوني ۾ جوابدار حاجي جمالي پسٽل جا فائر ڪري پاڙيسري عورت 40 سالن جي حليمان لانگاهه کي گولين جو کاڄ بڻائي فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿي ويل عورت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گهر اچڻ کان منع ڪرڻ تان جوابدار پنهنجي پاڙيسري عورت کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
