تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان، آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪندي جوابي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
پاڪستان، آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪندي جوابي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، سڀني سان شيئر ڪيو ويندو، آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ خلاف پرڏيهي آفيس فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي، مخالف ڌر کي به ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن، روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي ٺهراءَ جي مقابلي ۾ ٺهراءُ ضرور آڻيندا، هنن نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، سڀني سان شيئر ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته آمريڪي ٺهراءَ کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرڏيهي آفيس ٺهراءَ تي فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي، آمريڪي ڪانگريس جو هي ٺهراءُ بنا جواز آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان غزه بابت پنهنجو واضح موقف پيش ڪيو ۽ اسرائيل جو نالو کڻي مذمت ڪئي آهي، ڪنهن ٻي ملڪ اسرائيل جو نالو وٺي اهڙي جرئت سان مذمت نه ڪئي هوندي. هن چيو ته پاڪستان، ڪشمير، غزه ۽ ٻين اشوز بابت عالمي فورمز تي ڀرپور نمائندگي ڪندو، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون