- Advertisement -
عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا معطلي واريون درخواستون رد ڪري سزا برقرار رکي وئي آهي، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سزا معطلي بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون، سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، قلم 426 تحت جوابدار ضمانت جوڳيَ ڏوهه ۾ ضمانت جا دعويدار نٿا ٿي سگهن، ضمانت سزا ٻڌايل نه پر انڊر ٽرائل جوابدار جو حق آهي.
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف اپيل تي 25 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
ڏهن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته سزا معطلي بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.
فيصلي موجب جوابدار قلم 426 تحت ضمانت جوڳيَ ڏوهه ۾ ضمانت جا دعويدار نٿا ٿي سگهن.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته قانون تحت عورت جوابدار به ضمانت جي دعويدار نٿي ٿي سگهي.
فيصلي موجب سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، ٻنهي جوابدارن کي ٻڌايل سزا نه گهٽ مدي واري آهي نه ئي هو سزا جو وڌيڪ حصو ڪاٽي چڪا آهن.
تفصيلي فيصلي ۾ عدالت پاڪستان ڪرمنل لا جنرل ۾ موجود محمد رياض نالي سرڪار ڪيس جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته ضمانت سزا ٻڌايل نه پر انڊر ٽرائل جوابدار جو حق آهي- Advertisement -
