تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ موسيٰ مگسي ۾ عورت کي مڙس ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ موسيٰ مگسي ۾ عورت کي مڙس ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت شاهده کي سندس مڙس احمد مگسي ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. پوليس موجب گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل ڳوٺ بدل بروهي واسي عورت 32 سالن جي شاهده مگسي کي شهدادڪوٽ جي اسپتال آندو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي. پوليس موجب وارثن عورت جي قتل واقعي کي لڪائڻ پئي چاهيو ۽ آپگهات قرار ڏئي لاش جو پوسٽ مارٽم  نه ڪرايو ويو، نه ئي حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو. ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ معاملي جو نوٽيس ورتو. ميروخان پوليس ڳوٺ موسيٰ مگسي پهچي عورت جي مڙس منير احمد مگسي ۽ ڏيرن هٿان قتل ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آيا. جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون