تازه ترين

شڪارپور پوليس پاران 4 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
شڪارپور پوليس چئن مغوين کي مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس ترجمان موجب رستم ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين سان مقابلي بعد چئن مغوين آصف قريشي،عمر قريشي،بادشاھ قريشي ۽ مير جاگيراڻي کي بازياب ڪرايو ويو. پوليس موجب، ھٿياربند 10 ڏينھن اڳ چڪ- رستم روڊ تي مسافر وين مان ٽن ڄڻن آصف، بادشاھ ۽ عمر قريشي کي اغوا ڪري ويا ھئا جڏھن ته ھڪ ڄڻي مير جاگيراڻي کي ڏيڍ مھينو اڳ ڪڻڪ جي ديري تان اغوا ڪيو ويو ھو. پوليس دعوي ڪئي ته ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته ڏوھارين سان مقابلو ٿيو، گھيرو تنگ ڏسي ڏوهارين مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آھي ته مغوين جي بازيابي ڏوھارين جا مبينا مطالبا تسليم ڪرڻ سبب ٿي آھي. ياد رھي ته شڪارپور مان اڃا 10 کان وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
35.3 ° C
35.3 °
35.3 °
4 %
9.5kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون