- Advertisement -
مٺي ۾ عورت گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
ترڪيه ڪالوني ۾ عورت ڊيلان زال گيان ميگهواڙ گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٽپو ڏئي زندگيءَ جو انت آندو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگھيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
عورت جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو………..- Advertisement -
