خيبرپختونخوا خاص طور ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته خيبرپختونخوا خاص طور ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، عوامي کي رليف چونڊيل نمائندن جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم شهبازشريف سان خيبرپختونخوا جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبرن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، امير مقام، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات دوران چونڊيل نمائندن وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪي معيشت جي بهتريءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجن تڪن جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته الله جي ڪرم سان پاڪستان جي معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي، تاريخ شاهد آهي ته ضم ٿيل ضلعن جي ترقي لاءِ ن ليگ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ صحت ۽ تعليم جون معياري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. شهبازشريف چيو ته ڪي پي خاص طور ضم ٿيل ضلعن جي غريب ۽ وچولي طبقي کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي لاءِ اتي دانش اسڪول کوليا ويندا، بجلي جي شعبي  ۾ سڌارن سان ساليانو اربين رپيا بجلي چوري روڪڻ لاءِ هو ڪوششان آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون