- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾10 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي پيا.
سن ويجهو وين ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.
سرائي سولنگي وٺ انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي امدادي ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوري آباد ويجهو موٽروي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن.
ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي ويو.
حادثي ۾ مسافر ڪوچ ۾ سوار ٽي مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي ريسڪيو 1122 ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
حيدرآباد ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
هٽڙي باءِ پاس وٽ گاڏي جي ٽڪر ۾نوجوان فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
جهمپير ويجهو وين ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو.
زخمي نوجوان بلاول چانگ سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو.
ڊگهڙي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.
جوڻيجا موري ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب تنوير ۽ مهتاب جوڻيجو زخمي ٿي پيا.
زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي تنوير جوڻيجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.- Advertisement -
