- Advertisement -
نوشهري فيروز ۾ مڙس کان خلع وٺڻ تي عورت جون ڄنگهون وڍيندڙ ڇهن جوابدارن مان پوليس رڳو هڪ کي گرفتار ڪري بار لاهي ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمي عورت، سندس ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
مڙس کان خلع وٺڻ تي عورت جون ڄنگهون وڍيندڙ ڇهن جوابدارن مان پوليس هڪ جوابدار قربان شاهه کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.
عورت جي والدين سميت پنج جوابدار اڃا تائين روپوش آهن.
روپوش جوابدارن ۾ غلام مصطفيٰ، محمد علي، شهنشاهه، عرفان ۽ مشتاق شاهه شامل آهن.
زخمي عورت جو نوابشاهه جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.
ايس ايس پي نشهروفيروز واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمي عورت، سندس ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو………- Advertisement -
