- Advertisement -
امريڪي ويب سائيٽ اسرائيل کي تهران ۽ بيروت تي حملن جي جواب ۾ ايراني حملن کان خبردار ڪيو آهي.
امريڪي ويب سائيٽ دعوى ڪئي آهي ته تهران ۽ بيروت ۾ اسرائيلي حملن جو جواب ايران اڄ ڏئي سگھي ٿو.
امريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن جي حوالي سان امريڪي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته ايران ۽ ان جون پراڪسيز اڄ اسرائيل تي حملو ڪري سگھن ٿيون.
ويب سائيٽ موجب، امريڪي عملدار جو خيال آهي ته ايران جو حملو 13 اپريل جهڙو پر اڳ کان وڌيڪ وڏي پيماني تي هوندو ۽ ان حوالي سان ايران هن ڀيري لبنان مان حزب الله کي پاڻ سان گڏ شامل ڪري سگھي ٿو.
ويب سائيٽ موجب، امريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو سربراهه مائيڪل ڪوريلا گذريل ڏينهن وچ اوڀر پهچي چڪو آحي.
واضح رهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسماعيل هنيه جي شهادت کان فوري پوءِ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ايران تي سڌي ريت حملي جو حڪم ڏنو هو……..- Advertisement -
