- Advertisement -
پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت تبديل ڪرڻ تي ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ٿيڻ کي پنج سال مڪمل ٿي ويا، لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 آگسٽ کي ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن.
ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبليءَ جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندو.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائن.
پنج سال اڳ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ختم ڪري ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان کي ڀارت جو حصو قرار ڏنو هو.
آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 سان واضح هو ته والاريل ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ان جو خصوصي قانون هوندو.- Advertisement -
