تازه ترين

پي ٽي آءِ بانيءَ، شيخ مجيب کي هيرو بڻائي پيش ڪيو، سندس مجسمو ڪرندي ئي هاڻي هن يوٽرن ورتو آهي :عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ، شيخ مجيب کي هيرو بڻائي پيش ڪيو، سندس مجسمو ڪرندي ئي هاڻي هن يوٽرن ورتو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ايڪشن ايڪٽ جو ترميمي بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿي چڪو آهي. هن چيو ته بنگلاديش جي صورتحال بابت پاڪستان ۾ بحث ٿي رهيو آهي، هڪ سياسي پارٽيءَ طرفان 1971ع بابت سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي. عطا تارڙ چيو ته سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن لاءِ پارليامينٽ ۾ لسٽ ڏينديون آهن، جنهن پارٽيءَ جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي ناهي، ان کي ڪيئن مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ٻن ججن اهم سوال اٿاريا آهن، قانوني معاملن ۾ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته پندرهن ڏينهن کان سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ناهي ڪيو، سندس سوال آهي ته ڇا قسم نامو جمع ڪرائڻ بعد ڪو ميمبر پارٽي تبديل ڪري سگهي ٿو؟ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ بانيءَ شيخ مجيب کي هيرو بڻائي پيش ڪيو، هن جيل مان بار بار شيخ مجيب سان پنهنجي   ڀيٽ ڪئي. عطا تارڙ چيو ته هاڻي بنگلاديش ۾ جهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن، ان تي تحريڪ انصاف جو موقف تبديل ٿي رهيو آهي، پاڪستان جو عوام موجوده صورتحال ۾ بنگلاديشي عوام سان گڏ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون