تازه ترين

صدر آصف علي زرداري جشن آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ جو اعلان

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري جشن آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦرلٽ، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا مليل ڏوهارين تي لاڳو نه ٿيندي، سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ جوابدارن تي لاڳو نه ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزا ۾ گهٽتائي انهن ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندي جن کي فارن ايڪٽ، 1946 ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022 تحت سزا مليل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سزا ۾ گهٽتائي 65 ورهين کان مٿي عمر وارن مرد قيدين تي لاڳو ٿيندي جن پنهنجي قيد جو ٽيون حصو پورو ڪيو آهي. سزا ۾ گهٽتائي 60 سالن کان مٿي عمر جي عورت قيدين تي به لاڳو ٿيندي جن پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزا ۾ گهٽتائي جيل ۾ ٻارن سان گڏ جيل ۾ موجود عورت قيدين تي به لاڳو ٿيندو، ٽيون حصو قيد ڪاٽيندڙ 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو ٿيندي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون