تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد ڪري پٿر کڻندڙن خلاف دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪارونجهر جبل ۽ ڀرپاسي جون سموريون ٽڪريون هيريٽيج سائيٽ قرار ڏئي  نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ڪارونجهر جي حصي کارسر کي معدنيات جو جواز ڄاڻائي ڪٽڻ کان روڪڻ بابت داخل آئيني درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ سميت ٻيا پيش ٿيا. عدالت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار کي آخري موقعو ڏين ٿا ته ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي، نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي. عدالت چيو ته ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ بابت عدالتي فيصلي کي هڪ سال ٿي چڪو آهي پر ان بابت ڪوبه قدم ناهي کنيو ويو. عدالت چيو ته ڪارونجهر جو هڪ به پٿر ڪٽيو ويو ته دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ثقافت کاتي واري سيڪريٽري عدالت کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جلد نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. درخواست داخل ڪرائيندڙ وڪيل شنڪر ميگهواڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ عدالت اهو به چيو آهي ته سنڌ ۾ رڳو ڪارونجهر ئي بچيو آهي جنهن کي کپائڻ پويان اوهان لڳا آهيوم جيستائين عدالتون آهن اوهان ڪارونجهر کي کپائي نٿا سگهو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون