تازه ترين

ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

- Advertisement -
ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ  گذريل 5 ڏينهن کان وچولي ٻوڏ برقرار آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 89 هزار 896 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ  پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 3 لک 85 هزار 621 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 81 هزار 870 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 62 هزار 820 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ٿيندڙ برسات سبب پاڻي وهڪرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ملڪ جي اڪثر  بئراجن تي هيٺانهين ۽ وچولي ٻوڏ واري صورتحال آهي، جيڪڏهن ته مٿانهين وارن علائقن مان وڌيڪ پاڻي آيو ته ٻوڏ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون