- Advertisement -
آمريڪا ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته ان جا ڳرا نتيجا به ڀوڳيندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي اهلڪار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته غزه ۾جنگبندي بابت هلندڙ ڳالهين وارو عمل متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ ايران کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
پرڏيهي ميڊيا آمريڪا جي هڪ اهلڪار جو حوالو ڏيندو چيو ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس هر طرح جي صورتحال لاءِ جوابي ڪارروائي جي تياري ڪري رهيا آهن.
آمريڪي اهلڪار موجب 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جو حملو ايران جي پراڪسي جنگ هو، ايران جو اسرائيل تي حملي جي صورت ۾ اها پراڪسي جنگ وڌيڪ تيز ٿي ويندي….- Advertisement -
