تازه ترين

ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جو نظام اثرائتو بڻائڻ جي هدايت

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جو نظام اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي  آهي. منڪي پاڪس بابت اهم اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بيماري جي تازي صورتحال ۽ مرض کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽيسٽنگ ليبارٽريز، ليب ڪٽس ۽ دوائن جي دستيابي توڙي اسڪريننگ جي نظام بابت به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو. اهم جلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، صحت کاتي ۽اين سي او سي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ منڪي پاڪس جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تازو مردان ۾ هڪ شخص ۾ منڪي پاڪس وائرس جي تصديق ٿي آهي، متاثر شخص روزگار لاءِ پرڏيهه ۾ ترسيل هو، کيس قرطينيه ۾ رکيو ويو آهي، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته صحت جي عالمي اداري طرفان منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن بعد پاڪستان ۾ به ان بيماري جي سخت نگرانيءَ جي ضرورت آهي. شهبازشريف ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جو نظام اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي صحت بابت وزيراعظم ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ٻڌايو ته ڊبليو ايڇ او منڪي پاڪس کي عالمي خطرو قرار ڏنو. هن چيو ته آفريڪا ۾ پهريون ڀيرو اهو ڪيس رپورٽ ٿيو، جتي اهو وائرس جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿيو، دنيا ۾ هيل تائين 99 هزار ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي  چڪي آهي  ۽ 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر مختار چي ته گهٽ قوتِ مدافعت وارا ٻار وائرس سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، وائرس جون علامتون چئن کان ڏهن ڏينهن ۾ واضح ٿينديون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون