تازه ترين

پير جو ڳوٺ ويجهو مبينا زھريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيلن مان وڌيڪ هڪ نوجوان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو

- Advertisement -
پير جو ڳوٺ ويجهو مبينا زھريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيلن مان وڌيڪ هڪ نوجوان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو، جڏهن ته ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 10 ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جن کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو. بيهوش ٿيلن مان اٺن ورهين جو دلدار بروھي ۽ 35 ورهين جو اصغر بروھي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته وڌيڪ ٽن نينگرين ۽ ٻن نوجوان سول اسپتال خيرپور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. فوتين ۾ منظور حسين بروهي، دلبر، فھميده، گنج بيبي ۽ سونيا بروھي شامل آهن. بيهوش ٿيل مريم، حاجاڻي ۽ سندن چاچي محمد بخش بروهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. رات جي وقت سول اسپتال خيرپور ۾ رڳو پِي جِي  ڊاڪٽر موجود هئا، ڪو به سينئر ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب بيهوش ٿيلن جي علاج ۾ غفلت ڄاڻائي پئي وڃي. فوتين جا لاش سول اسپتال خيرپور مان بغير پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي وارثن حوالي ڪيا ويا، وارث مڙهه کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا. فوتين جي وارث گل بيگ بروهي الزام هڻندي چيو ته سول اسپتال خيرپور ۾ بهتر علاج نه ٿيڻ سبب سندن ماڻهو فوت ٿيا آهن، نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون