تازه ترين

جي ڊي اي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري، مخدوم جميل الزمان سان رابطي جي تريد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
جي ڊي اي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري، مخدوم جميل الزمان سان رابطي جي تريد ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته مخدوم جميل الزمان سان ڪو رابطو يا ملاقات ناهي ٿي، خبر ناهي ميڊيا وارن کي ڪير اهڙيون غلط خبرون ڏئي رهيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پيرپاڳاري چيو ته سياست ۾  اهي ماڻهو حصو وٺي سگهن ٿا جن وٽ پئسو آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ هر شي وڪامجندي هجي ته اهڙي سياست سندن وس جي ڳالهه ناهي. جي ڊي اي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري چيو ته وٽن ٻين جيان پئسا ناهن ان ڪري هو اطمينان سان گهر ويٺا آهن. هوڏانهن مخدوم هائوس هالا جي ترجمان پڻ مخدوم جميل الزمان ۽پير پاڳاري وچ ۾ فون تي رابطو ڪرڻ واري خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ترجمان موجب سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جو حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان ڪوبه ٽيليفون تي رابطو ناهي ٿيو ۽سياسي ڳالھه ٻولھه ڪرڻ ۾ڪابه صداقت ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون