تازه ترين

ميرپورخاص ضلعي اندر ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ بيماري رڪجي نه سگھي

- Advertisement -
ميرپورخاص ضلعي اندر ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ بيماري رڪجي نه سگھي، ٻن مھينن اندر وڌيڪ 10 ٻارڙا ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ضلعي اندر صحتمند والدين جي معصوم ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جي بيماريءَ تي ڪنٽرول ناھي ٿي سگھيو، جنھن سبب ھلندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ جي مھيني اندر وڌيڪ 10 ٻارڙا مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ان ڏس ۾ پراڻي سول اسپتال جي عمارت ۾ جُڙيل نيوٽريشن اسٽيبلائيزيشن سينٽر مان مليل انگن اکرن موجب ٻن سالن کان 15 سالن تائين جا 10 نوان ٻار علاج جي سلسلي ۾ داخل ٿيا آھن، جن مان 9 جو تعلق ميرپورخاص شھر ۽ باقي ھڪ جو تعلق تعلقي سنڌڙي جو آھي. ھلندڙ سال جي جون مھيني دروان پي پي ايڇ آءِ جي ڊائريڪٽر ھيلٿ، صحت کاتي جي ڊي جي ھيلٿ سروسز کي ھڪ ليٽر لکي آگاھي ڏني ھئي تھ جون 2024 تائين 6 مھينن اندر ٻارن جو 289 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 29 ٻارن جي ايڇ آءِ وي پازيٽو رپورٽ آئي آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
41 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون