تازه ترين

پيپلزپارٽي سان سندس ڪا به ناراضگي نه آهي: ڪامران خان ٽيسوري

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پيپلزپارٽي سان سندس ڪا به ناراضگي نه آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سان سٺا لاڳاپا آهن. ڀٽ شاهه جي عرس مبارڪ جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ ۾ بجلي سستي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيو آهي ۽ وزير اعظم پاڪستان کي به سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ لکيو آهي. هن چيو ته هو عوامي گورنر آهي پيپلزپارٽي جي ايم اين ايز پاران سنڌ حڪومت سان ناراضگي بابت پيپلزپارٽي اڳواڻ ئي ڳالهائي سگهن ٿا. ان کان اڳ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڀٽ شاھ پهچي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ۽ دنبوري جي تند تي شاهه جو راڳ پڻ ٻڌو. سنڌ جي گورنر طرفان عرس مبارڪ جي افتتاح بعد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني 281 هين عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جي باقاعده شروعات ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
32 %
0.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون